ثمر قند – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عظيم اسلامي اسڪالر ۽ محدث حضرت امام بخاري جي مزار تي حاضري ڀري. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ خيبرپختونخواهه جو انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير عاطف خان پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي لاءِ خاص طور تي مزار جو دروازو کوليو ويو.