تاشقند – 16 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي تاشقند ۾ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا رابطا ڪانفرنس جي موقعي تي افغانستان ۾ مفاهمت جي لاءِ آمريڪا جي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، خطي ۾ رابطن جي فروغ ۽ اقتصادي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ کي لازمي سمجهي ٿو. پاڪستان، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو مصالحاتي ڪردار ادا ڪندو رهندو. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي مستقبل جو فيصلو افغانين کي گڏجي ويهي پاڻ ڪرڻو آهي. پاڪستان افغانين جي سربراهي ۾ افعانين کي قبول، ٺوس ڳالهين ذريعي افغان مسئلي جي سياسي حل جي حمايت جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.