APP69-060421 ISLAMABAD: April 06 - Prime Minister Imran Khan chairs a meeting on Gujranwala Development Plan, Rawalpindi Urban Regeneration and Nullah Lai Expressway. APP

اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جو سڄو ڌيان سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز کي ڪاروبار جي لاءِ بهتر موقعا فراهم ڪرڻ تي آهي، گجرانوالا ڊويزن ۾ ان حوالي سان بي پناهه موقعا موجود آهن، وفاقي حڪومت علائقائي معاشي ترقي جي حوالي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، ناله لئي ايڪسپريس وي ۽ راولپنڊي اربن ري جنريشن منصوبن سان شهر جي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پنجاب صوبي ۾ علائقائي معاشي ترقي جي حڪمت عملي تحت گجرانوالا ڊولپمينٽ پلان ۽ راولپنڊي اربن ري جنريشن ۽ ناله لئي ايڪسپريس وي منصوبي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.