اسلام آباد - 15 جولاءِ ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر عبدالمالڪ بلوچ اربع ڏينهن وفد سان گڏ ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عبدالمالڪ بلوچ جي ملاقات، بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جولاءِ ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر عبدالمالڪ بلوچ اربع ڏينهن وفد سان گڏ ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، سينيٽر جان محمد بليدي، قومي اسيمبلي ميمبر پولين بلوچ، قومي اسيمبلي ميمبر جمال شاهه ڪاڪڙ ۽ نيشنل پارٽي پنجاب جو صدر ايوب ملڪ پڻ شامل هئا.










