ڪراچي- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ييلو لائين جي ڊپو جي تعمير ۾ تيزي آڻڻ ۽ ڄام صادق پل جي ٻئي حصي جو ڪم پڻ جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ …
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران ييلو لائين جي ڊپو جي تعمير ۾ تيزي آڻڻ ۽ ڄام صادق پل جي ٻئي حصي جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري

مزید خبریں
ڪراچي- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ييلو لائين جي ڊپو جي تعمير ۾ تيزي آڻڻ ۽ ڄام صادق پل جي ٻئي حصي جو ڪم پڻ جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي جي مختلف حصن تي جاري تعميراتي ڪم جي رفتار ۽ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ سيڪريٽري اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي (ايس ايم ٽي اي) جي ايم ڊي بهزاد ميمڻ، عالمي بينڪ جي نمائندن ، ڪنسلٽنٽس ۽ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرجيل انعام ميمڻ ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي جي تعميراتي ڪم جي رفتار ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آندا وڃن. هن ييلو لائين بي آر ٽي جي ڊپو جي تعمير ۽ ٻين لاڳاپيل ڪمن جي رفتار پڻ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته منصوبي جي ڊپو سميت سموري بنيادي ڍانچي جي تعمير مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائين بي آر ٽي ڪراچي جي شهرين لاءِ هڪ اهم ماس ٽرانزٽ منصوبو آهي. هن ڄام صادق پل جي ٻئي حصي جو ڪم پڻ جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن منصوبي تي ڪم ڪندڙ ٽيم جي صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورن لاڳاپيل ادارن، ڪنسلٽنٽس ۽ ماهرن وچ ۾ اثرائتو رابطو ۽ هم آهنگي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن تعميراتي ڪم مقرر رفتار مطابق اڳتي وڌي سگهي. هن ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي جي اڳڀرائي جي روزاني بنياد تي نگراني ڪرڻ ۽ روزاني اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.










