اسلام اباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان اربع ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سيڪريٽري نورلان يرميڪبايف ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ثقافتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، عوامي رابطن جي استحڪام ۽ 2027ع ۾ پاڪستان جي امڪاني ايس سي او چيئرمين شپ جي تيارين تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير سيڪريٽري جنرل ۽ سندس وفد جي آجيان …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام اباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان اربع ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سيڪريٽري نورلان يرميڪبايف ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ثقافتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، عوامي رابطن جي استحڪام ۽ 2027ع ۾ پاڪستان جي امڪاني ايس سي او چيئرمين شپ جي تيارين تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير سيڪريٽري جنرل ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان پهچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن ۽ اصولن لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ثقافت امن، ڳالهين ۽ گڏيل هم آهنگي جو مؤثر ذريعو آهي. هن سنڌ جي تهذيب، گنڌارا تهذيب، ٻڌمت جي تاريخي ورثي، اسلامي طرزِ تعمير ۽ پاڪستان جي مختلف غير مادري ثقافتي روايتن کي ملڪ جو قيمتي اثاثو قرار ڏنو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان شنگهائي اسپرٽ جي اصولن تي مڪمل يقين رکي ٿو ۽ ثقافتي سفارتڪاري خطي ۾ امن، هم آهنگي ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ مؤثر ذريعو آهي. هن آثارِ قديمه، عجائب گهرن، ثقافتي ورثي جي تحفظ، ثقافتي سياحت، تخليقي صنعتن، دستڪاري، فنونِ لطيفه ۽ نوجوانن جي ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان 2027ع ۾ ايس سي او جي چيئرمين شپ سنڀالڻ ۽ ايس سي او ثقافت وارن وزيرن جي 24هين اجلاس جي ميزبانيءَ جي تياري ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته لاهور کي 27-2026ع لاءِ ايس سي او سياحتي ۽ ثقافتي ڪيپيٽيل قرار ڏيڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، جنهن تحت لاهور ۾ سڄو سال ثقافتي سرگرمين جو جامع ڪلينڊر ترتيب ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ پڻ اهم ثقافتي تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن سيڪريٽري جنرل کي آگاهه ڪيو ته لاهور ۾ 4 وڏا ثقافتي پروگرام منعقد ڪيا ويندا، جن سان سڄو سال مختلف نوعيت جون تقريبون به جاري رهنديون. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجود ايس سي او ۽ ميمبر ملڪن جي سفارتخانن ۽ قونصل خانن کي ثقافتي پرفارمنس، نمائشن ۽ ثقافتي وفدن ذريعي انهن سرگرمين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. وفاقي وزير، سيڪريٽري جنرل ۽ سمورن ميمبرن کي نومبر 2026ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ سالياني لوڪ ورثي ميلي ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. هن چيو ته هي ميلو ايس سي او ملڪن جي دستڪاري، لوڪ موسيقي، روايتي فنون ۽ ثقافتي جدت کي اجاگر ڪرڻ جو بهترين پليٽ فارم ثابت ٿيندو. هن تجويز ڏني ته ميلي جو هڪ خاص حصو شنگهائي اسپرٽ ۽ علائقائي ثقافت جي سهڪار جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي. ملاقات دوران وفاقي وزير ايس سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ ثقافتي سهڪار کي اداره جاتي بنيادن تي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون پيش ڪيون، جن ۾ ايس سي او ميوزيم سهڪار نيٽ ورڪ، ايس سي او آثارِ قديمه سهڪار پروگرام، ايس سي او ڊجيٽل هيريٽيج پليٽ فارم، ايس سي او يوٿ ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام ۽ گنڌارا ۽ شاهراه ريشم جي ثقافتي ورثي تي ٻَڌل ايس سي او هيريٽيج ٽوئرازم قدم شامل آهن. هن گڏيل آثارِ قديمه جي تحقيق، ثقافتي ورثي جي ڊجيٽل دستاويز سازي ۽ عجائب گهرن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ تي پڻ زور ڀريو. سيڪريٽري جنرل وفاقي وزير کي ايس سي او جي بدلجندڙ ايجنڊا کان آگاهه ڪيو ۽ ثقافت، سياحت، واپاري ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تنظيم جي وڌندڙ سهڪار تي روشني وڌي. هن پاڪستان جي آئينده چيئرمين شپ لاءِ ايس سي او سيڪريٽريٽ جي مڪمل حمايت جي خاطري ڏياري ۽ پاڪستان جي حوصله افزائي ڪئي ته هو علائقائي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ نئين ۽ مؤثر تجويزون پيش ڪن. هن لاهور ۾ ڄاڻايل ثقافتي پروگرامن جي تيارين کي ساراهيندي پاڪستان جي فعال ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ ايس سي او جي پليٽ فارم تحت فلم فيسٽيول، دستڪاري جي نمائشن، موسيقي جي ميلن ۽ ثقافتي فورمز جي بندوبست ڪرڻ جي تجويز ڏني. هن پاڪستان کي 18 کان 22 آڪٽوبر چين ۾ منعقد ٿيندڙ خاص ايس سي او ثقافتي نمائش ۾ شرڪت جي به دعوت ڏني جتي ميمبر ملڪ پنهنجي ثقافتي روايتن ۽ دستڪاريءَ جي نمائش ڪندا. سيڪريٽري جنرل سياحت جي شعبي ۾ به علائقائي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ايس سي او ملڪن ۽ ڊائلاگ پارٽنرز جي سياحتي ادارن ۽ ٽريول ايجنسين وچ ۾ رابطا وڌائڻ سان خطي ۾ امن، گڏيل اعتماد ۽ پائيدار ترقيءَ کي وڌيڪ هٿي ملندي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين ثقافت، عجائب گهرن، آثارِ قديمه، ثقافتي ورثي جي تحفظ، سياحت ۽ تخليقي صنعتن جي شعبن ۾ اداره جاتي رابطن، عوامي مٽاسٽا ۽ عملي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي طرفان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان جي آئينده ايس سي او چيئرمين شپ دوران ثقافتي قدمن جي ڪامياب بندوبست ڪرڻ لاءِ ويجها رابطا برقرار رکيا ويندا. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايس سي او سيڪريٽريٽ خطي جي گڏيل ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ سمورن ملڪن جي مفاد ۾ ثقافتي ڀائيواريءَ کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ايس سي او جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سهيل خان، سيڪريٽريٽ جي عهديدارن مارگولان ابراهيموف ۽ پروٽوڪول آفيسر بخروز صادقوف شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزارت طرفان نيشنل ڪوآرڊينيٽر (ايس سي او) ڊاڪٽر محمد فيصل، ڊائريڪٽر (ايس سي او) ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ايس سي او ون) عائشه شاهد پڻ اجلاس ۾ موجود هيون.










