ناڻي واري وفاقي وزير سان چين ۾ مقرر پاڪستان جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان جي عوامي جمهوريه چين ۾ سفير خليل هاشميءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- چين اقتصادي سهڪار، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٻه طرفي مالي ۽ اقتصادي ناتن کي وڌيڪ وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير چين ۾ پاڪستان جي اقتصادي سفارتڪاريءَ …

اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان جي عوامي جمهوريه چين ۾ سفير خليل هاشميءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- چين اقتصادي سهڪار، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٻه طرفي مالي ۽ اقتصادي ناتن کي وڌيڪ وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير چين ۾ پاڪستان جي اقتصادي سفارتڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستاني ۽ چيني ڪاروباري ادارن وچ ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي فعال ڪردار جي تعريف ڪئي. هن چيو ته معياري سيڙپڪاريءَ کي حاصل ڪرڻ، روانگي واپار ۾ واڌ ۽ نجي شعبي وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي اقتصادي ترجيحن ۾ شامل آهن. سفير خليل هاشمي ناڻي واري وزير کي بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جاري قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ٻُڌايو ته پاڪستاني ۽ چيني ادارن وچ ۾ 20 ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ ماليت جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن، جن تي عملدرآمد جي نگرانيءَ لاءِ هڪ خاص نظام به قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ان مان ڪيترائي منصوبا باضابطه معاهدن ۽ واپاري ڀائيواريءَ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري جي سهڪار ۾ حوصله افزا اڳڀرائيءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. سفير وڌيڪ ٻُڌايو ته چيني نجي شعبو مينيوفيڪچرنگ، لاجسٽڪس، فارماسيوٽيڪل، بائيو ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائل ۽ صنعتي خدمتن سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو. هن ٻُڌايو ته تازو ئي ۾ فارماسيوٽيڪل ۽ بائيو ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ 9 معاهدا طئي ٿيا جڏهن ته سفارتخاني جي سيڙپڪاري سهولت پليٽ فارم ذريعي هن وقت 150 کان وڌيڪ چيني ڪمپنين سان رابطا ڪيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ صنعتي مينيوفيڪچرنگ، لاجسٽڪس انفراسٽرڪچر ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل ٽيڪسٽائل رٿائن تي جاري اڳڀرائيءَ جو به جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) لاءِ ناليواري چيني صنعتي پليٽ فارمز سان ڀائيواريءَ ذريعي ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ تي به غور ڪيو ويو. ناڻي واري وزير سيڙپڪارن سان رابطن لاءِ سفارتخاني جي منظم طريقيڪار، شعبن کان آگاهي، رٿائن جي اڳواٽ تياري ۽ امڪاني سيڙپڪارن کي پاڪستاني ڪاروباري ادارن سان جوڙڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس ۾ سرمائي جاتي مارڪيٽن، خودمختيار مالياتي وسيلن ۽ مالياتي جدت جي نَون شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به ڳالهيون ٿيون. سفير چيني مالياتي ادارن ۽ ترقياتي ڀائيوارن سان جاري رابطن، آئينده سيڙپڪاري روڊ شوز جي تياري ۽ ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ ۽ سِلڪ روڊ فنڊ جهڙن ادارن سان سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي امڪانن کان به آگاهه ڪيو. سفير نئين چيني سيڙپڪاريءَ جي گهُرجن موجب فني ۽ پيشيوراڻي تربيت کي هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش کان به آگاهه ڪيو ته جيئن اُڀرندڙ صنعتن لاءِ هنرمند افرادي قوت کي تيار ڪري سگهجي. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اداره جاتي رابطن ۽ سيڙپڪاريءَ جي سهولتڪاريءَ کي وڌيڪ مؤثر بنائڻ جي قدمن جو به جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزير حاصل ٿيل اڳڀرائيءَ کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سيڙپڪاريءَ جي واعدن کي وقت سر عملي منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته منصوبن تي مؤثر عملدرآمد، سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ۽ نئين اقتصادي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ سمورن سرڪاري ادارن وچ ۾ مؤثر هم آهنگي اڻٽر آهي. ملاقات ۾ چين – پاڪستان آزاد واپاري معاهدي تحت اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين روانگي واپار ۾ واڌ، ويليو ايڊڊ مينيوفيڪچرنگ کي هٿي ڏيڻ، پاڪستاني شين لاءِ بهتر مارڪيٽ تائين رسائي پهچ ۽ ڊگهي مُدي واري صنعتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف امڪانن جو جائزو ورتو. ناڻي واري وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت سڌارن جي تسلسل، ڪاروبار ۾ آساني، سيڙپڪاريءَ جي بهتر سهولتڪاري ۽ چيني سرڪاري ۽ نجي شعبي سان لڳاتار رابطن ذريعي چين سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اقتصادي ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي.