اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته ڀارت پاران ڪشميرين جي خلاف 5 آگسٽ جي قدم کي واپس وٺڻ تائين ڀارت سان معمول جا لاڳاپا قائم نه ٿا ٿي سگهن. عوام جي سڌوسنئون ٽيليفون ڪالز دوران ڳڙهي دوپٽه آزاد ڪشمير مان هڪ شهري ڀارت سان واپار جي بحالي جي تجويز جي حوالي سان سوال ڪيو جنهن تي وزيراعظم واضح ڪيو ته جيستائين ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي 5 آگسٽ جي قدم کي واپس نه ٿو وٺي ان سان لاڳاپا معمول تي نه ٿا اچي سگهن. وزيراعظم چيو ته مون کي فخر آهي ته مون عالمي فورمن تي جهڙي طرح ڪشمير جو ڪيس وڙهيو 50 سالن ۾ ڪنهن نه وڙهيو.