اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بهادر ۽ غيور قبائلي عوام کي اڳوڻي فاٽا ۾ جمهوري عمل جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، گذريل سال ان ڏينهن محب وطن قبائلي عوام کي ان جي لازوال قربانيون ۽ استقامت جو ثمر ووٽ جي حق جي صورت مليو هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ايندڙ وقت ۾ انهن کي وڌيڪ خوشيون، خوشخبريون ۽ ترقي جي امڪان ميسر ايندا، قبائلي عوام وزيراعظم عمران خان جي دل جي ويجهو آهي، اتي جي ترقي ۽ کين بااختيار بڻائڻ ۽ ان جو پختو عزم آهي.