اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته سي پيڪ سان ملڪ ۾ تعمير ۽ ترقي جو انقلاب ايندو، ايم ايل ون منصوبو جلد پڄاڻي تي پهچندو ۽ رستن جو ڄار وڇايو ويندو. اهڙن خيالن جو اطهار هن سينيٽ جي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اعصم سليم باجوه چيو ته ريلوي جو ٽرانسپورٽ شيئر 4 سيڪڙو مان واڌائي 20 سيڪڙو ٿي ويندو، حويليان وٽ وڏو ڊرائي پورٽ قائم ڪيو ويندو ۽ اقتصادي زونز ٺهندا، تفصيل موجب اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر شيري رحمان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس کي بريفنگ ڏيندي سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه ٻڌايو ته ايم ايل ون منصوبي تحت ريلوي جو ٽرانسميشن سسٽم تبديل ڪيو ويندو، ايڪنڪ 7.2 ارب ڊالرن جي لاڳت جي ايم ايل ون منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ريلوي جو ٽرانسپورٽ شيئر 4 سيڪڙو مان واڌائي 20 سيڪڙو ٿي ويندو، سندس چوڻ هو ته ريلوي انجنيئرز کي روس، جرمني ۽ برطانيه سان گڏجي تربيت ڏني ويندي. اورينج لائين ٽرين منصوبو به جلد عوام لاءِ کوليو ويندو.