APP18-23 ISLAMABAD: August 23 – President Dr. Arif Alvi talking to a delegation of Islamabad Chamber of Commerce & Industry, who called on him at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ترقي ۾ ڪاروباري برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي جن جي ڪري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ نمايان بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن اها ڳالهه اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن صدر احمد حسن مغل جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.