اسلام آباد - 29 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بلوچستان اسيمبلي جي پارلياماني ليڊرز ۽ ميمبرن تي ٻڌل وفد سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، جاري ترقياتي منصوبن، عوامي ڀلائي، وفاق ۽ بلوچستان جي وچ ۾ تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بلوچستان اسيمبلي جي پارلياماني ليڊرز ۽ ميمبرن تي ٻڌل وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بلوچستان اسيمبلي جي پارلياماني ليڊرز ۽ ميمبرن تي ٻڌل وفد سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، جاري ترقياتي منصوبن، عوامي ڀلائي، وفاق ۽ بلوچستان جي وچ ۾ تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان جي ترقي، امن ۽ استحڪام، عوامي خوشحالي ۽ بهتر طرز حڪمراني جي لاءِ وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ موثر رابطي، گڏيل تعاون ۽ گڏيل حڪمت عملي جي اهميت تي زور ڏنو. هنن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي پائيدار ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندي. بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن جي وفد بلوچستان جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ وفاقي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي جاري ترقياتي منصوبن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفد ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته وفاقي حڪومت جي مسلسل معاونت سان بلوچستان ۾ ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جو عمل وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي ڪامياب صحيحن کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. ملاقات ۾ بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق خان اچڪزئي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر جمال شاهه ڪاڪڙ، خوراڪ واري صوبائي وزير نور محمد دمڙ، تعليم واري صوبائي وزير راحيلا حميد خان دراني، روينيو واري صوبائي وزير مير محمد عاصم ڪرد گيلو، ماهيگيري ۽ سامونڊي ترقي واري صوبائي وزير برڪت علي رند، ثقافت، سياحت، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير نوابزاده محمد زرين خان مگسي، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير محمد خان لهڙي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن زرڪ خان،اشوڪ ڪمار، ڊاڪٽر ربابه، هاديه نواز ۽ محمد خان طور اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف عوامي، پارلياماني ۽ صوبائي معاملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي بلوچستان جي ترقي، عوامي ڀلائي، جمهوري قدرن جي فروغ ۽ موثر قانونسازي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










