اسلام آباد - 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ڪارپوريشن لميٽيڊ جي نجڪاري جي عمل ۾ پهرين مالياتي تڪميل تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي نجڪاري جي تاريخ جو هڪ تاريخي سنگ ميل قرار ڏيندي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نجڪاري ڪميشن پاڪستان سومر ڏينهن پي آءِ اي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ڪارپوريشن لميٽيڊ جي نجڪاري جي عمل ۾ پهرين مالياتي تڪميل تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ڪارپوريشن لميٽيڊ جي نجڪاري جي عمل ۾ پهرين مالياتي تڪميل تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي نجڪاري جي تاريخ جو هڪ تاريخي سنگ ميل قرار ڏيندي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نجڪاري ڪميشن پاڪستان سومر ڏينهن پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل ۾ پهرين مالياتي تڪميل ڪاميابي سان مڪمل ڪندي شيئر پرچيز اينڊ سبسڪرپشن ايگريمنٽ تحت سموريون اڳواٽ شرطون پوريون ٿيڻ کانپوءِ ايئر لائين جو انتظامي ڪنٽرول عارف حبيب ڪارپوريشن لميٽيڊ جي قيادت ۾ سيڙپڪار ڪنسورشيم جي حوالي ڪري ڇڏيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي ان مرحلي جي ڪامياب تڪميل سندس حڪومت ۽ پوري پاڪستاني قوم جي لاءِ اطمينان جو سبب آهي. ان سان اهو ثابت ٿيو آهي ته پيچيده ۽ اسٽريٽجڪ نوعيت جا قومي معاملا به شفاف، چٽاڀيٽي ۽ وقت سر انداز ۾ ٽيم ورڪ ۽ “پوري حڪومتي نظام جي گڏيل طرز عمل” جي ذريعي ڪاميابي سان مڪمل ڪري سگهجن ٿا. وزيراعظم چيو ته ان اڳڀرائي سان نه رڳو پي آءِ اي جي لاءِ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي پر اهو حڪومت جي وسيع تر معاشي سڌاراجاتي ايجنڊا ۾ پڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته اڄ جي ڪاميابي ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آهي، سڌارن تي قائم آهي ۽ معاشي ترقي طرف گامزن آهي. وزيراعظم چيو ته پهرين مالياتي تڪميل سان ئي اسان پي آءِ اي جي ان جي ماضي جي وقار بحال ڪرڻ جي وڌيڪ ويجهو اچي ويا آهيون. حڪومت ملازمن، مسافرن ۽ صارفين جي مفادن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي جڏهن ته انتظامي منتقلي ۽ فضائي آپريشنز جي بنا رڪاوٽ تسلسل کي جاري رکڻ کي يقيني بڻايو ويندو. سمورا لاڳاپيل هوابازي قانون ۽ ريگيوليٽري نگراني بدستور لاڳو رهندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪردار ۽ اڻٿڪ محنت کي ساراهيو. وزيراعظم فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سندس پوري ٽيم کي ان ڪامياب ٽيم ورڪ تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري معاملن واري صلاحڪار محمد علي، نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي ۽ نجڪاري ڪميشن جي ميمبرن جي خدمتن کي پڻ ساراهيو جن جي ڪوششن سان اهو اهم قومي معاملو ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو.










