اسلامو فوبيا جي روڪٿام انساني حقن جي بنيادي گهُرج آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) انساني حقن، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته اسلامو فوبيا جي روڪٿام بنيادي طور تي انساني حقن جي گهُرجائو آهي ۽ اظهار جي آزادي کي ڪنهن به مذهب يا ان جي مڃيندڙن خلاف نفرت، امتياز يا تشدد کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. وزارت جي ترجمان موجب اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي خاص …

اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) انساني حقن، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته اسلامو فوبيا جي روڪٿام بنيادي طور تي انساني حقن جي گهُرجائو آهي ۽ اظهار جي آزادي کي ڪنهن به مذهب يا ان جي مڃيندڙن خلاف نفرت، امتياز يا تشدد کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. وزارت جي ترجمان موجب اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي خاص اسلاموفوبيا جي روڪٿام واري نمائندي ۽ گڏيل قومن جي الائنس آف سيولائيزيشنز جي اعليٰ نمائندي ميگوئل اينخل موراتينوس سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف بابت مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ به موجود هو. وفاقي وزير، ميگوئل اينخل موراتينوس کي گڏيل قومن جو خاص نمائندو مقرر ٿيڻ تي مبارڪون ڏيندي اسلامو فوبيا جي روڪٿام، بين المذاهب هم آهنگي ۽ انساني حقن جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي برابر حق ۽ مذهبي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو، جڏهن ته حڪومت مذهبي رواداري، بين المذاهب هم آهنگي ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي. هن سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن، مذهبي امتياز، مسلم ڪميونٽيز ۽ عبادتگاهن تي حملن، آن لائين چڙ ڏياريندڙ ۽ مذهب جي بي حرمتي جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن ڀارت ۾ مسلمانن خلاف امتيازي سلوڪ ۽ مذهبي آزادين تي لاڳو پابندين جو معاملو به اٿاريو ۽ چيو ته عالمي برادري کي مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ اسلامو فوبيا جي روڪٿام لاءِ ڄاڻايل گڏيل قومن جي پلان آف ايڪشن، بين المذاهب ڳالهين، عالمي سطح تي تحقيق ۽ نگراني جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽رواداري ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اداره جاتي تعاون وڌائڻ تي به اتفاق راءِ جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں