APP29-07 ISLAMABAD: August 07 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing a press conference alongwith Kashmiri Leaders. APP

اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارت ڪڌن حربن ذريعي ڪشمير جي عوام کي وڌيڪ عرصي تائين يرغمال نه ٿو بڻائي سگهي، ڪشميري عوام ڀارت جي غاصباڻي تسلط کي ڪڏهن به قبول نه ڪندي. هو حريت اڳواڻ عدالحميد لون، ڪشمير ميڊيا سروس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر تجمل الاسلام سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي.