راولپنڊي- 29 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي، ته پاڪستان ريلوي ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي ۽ اداري جي ڊجيٽلائيزيشن مڪمل ڪئي پئي وڃي. ريلوي جي تاريخ ۾ 115 ارب روپين جي روينيو جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 6 جولاءِ تائين مووجده ريونيو ٽارگيٽ به مڪمل ڪيو ويندو، ايم ايل ون منصوبي ۾ روهڙي کان ڪراچي سيڪشن جي پيڙهه جو …
ريلوي 115 ارب روپيا روينيو هدف حاصل ڪري ورتو، ايم ايل ون جو افتتاح سيپٽمبر ۾ متوقع آهي: وفقي وزير محمد حنيف عباسي
راولپنڊي- 29 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي، ته پاڪستان ريلوي ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي ۽ اداري جي ڊجيٽلائيزيشن مڪمل ڪئي پئي وڃي. ريلوي جي تاريخ ۾ 115 ارب روپين جي روينيو جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 6 جولاءِ تائين مووجده ريونيو ٽارگيٽ به مڪمل ڪيو ويندو، ايم ايل ون منصوبي ۾ روهڙي کان ڪراچي سيڪشن جي پيڙهه جو پٿر سيپٽمبر ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف رکندو. راولپنڊي ريلوي لوڪوشيڊ ۾ نئين تعمير ٿيل گارڊ ۽ ڊرائيورنگ رومز جي افتتاح کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ريلوي جي اسڪولن ۽ اسپتالن کي آئوٽ سورس ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته مختلف شعبن ۾ رائيٽ سائيزنگ به ڪئي وئي آهي. هن چيو ته آڊيٽر جنرل جي رپورٽ گمراهه ڪندڙ آهي ۽ ان ذريعي قوم کي غلط تاثر ڏنو پيو وڃي. هن موجب ريلوي ۾ 19 سيڪڙو خساري جي رپورٽ حقيقتن جي ابتڙ آهي جڏهن ته 63 ارب روپين جي پينشن ريلوي نه پر پاڪستان حڪومت گرانٽ طور ادا ڪندي آهي. هن چيو ته مارچ 2025ع ۾ وزارت سنڀالڻ کان پوءِ صرف چئن مهينن ۾ آپريٽنگ لاڳت ۾ 3 ارب 60 ڪروڙ روپين جي گهٽتائي آندي وئي، جيڪا عملي طور تي منافعي جي برابر آهي. هن ٻڌايو ته پنج ريل گاڏيون آئوٽ سورس ڪيون ويون آهن. فريٽ سيڪٽر ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ ڊويزنن جي لينڊ ارننگ ۾ به 50 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته 20 سالن کان پاور وينز جي اوور هالنگ ناهي ٿي جڏهن ته 16 نون پاور پلانٽن جي خريداري لاءِ ٻولي جلد لڳائي ويندي ۽ ايندڙ سال 23 مارچ تائين سمورا پاور وينز ۽ اوور هال ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته عوامي ايڪسپريس جي چئن ريڪس جي ري فزيشمينٽ مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته جون 2027ع تائين سموريون ٽرينون جديد انداز ۾ بحال ڪيون وينديون. ايم ايل ون منصوبي جي حوالي سان هن چيو ته روهڙي کان ڪراچي سيڪشن جي پيڙهه جو پٿر وزيراعظم سيپٽمبر ۾ رکندو. ان موقعي تي وفاقي وزير راولپنڊي ۾ نئين تعمير ٿيل گارڊ ۽ ڊرائيور رننگ رومز جو افتتاح به ڪيو. ريلوي اسٽيشن ۽ لوڪوشيڊ ويجهو قائم ان جديد رننگ رومز ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ، آرامده رهائش ۽ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي لاءِ سولر سسٽم لڳايو ويو آهي. هن چيو ته 36 سال ۾ پهريون ڀيرو گارڊز ۽ لوڪو پائليٽس کي اهڙي معياري رهائشي سهولت فراهم ئي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ به اهڙي طرح جا جديد رننگ رومز تعمير ڪيا ويندا.










