پاڪستان حڪومت ۽ اٽلي وچ ۾ 20 ملين يورو جي رعائتي قرض جي معاهدي تي صحيحيون

اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ اٽلي وچ ۾ 20 ملين يورو (اٽڪل 6.3 ارب پاڪستاني روپيا) جي رعائتي قرض جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون ويون آهن، ان معاهدي جو مقصد پاڪستان جي قومي فني ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت سڌاراجاتي پروگرام تحت زرعي شعبي ۾ پيشيواراڻي سگهه جي ترقي ۽ توسيعي خدمتن جي منصوبي کي مالي مدد فراهم ڪرڻ آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت واري …

اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ اٽلي وچ ۾ 20 ملين يورو (اٽڪل 6.3 ارب پاڪستاني روپيا) جي رعائتي قرض جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون ويون آهن، ان معاهدي جو مقصد پاڪستان جي قومي فني ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت سڌاراجاتي پروگرام تحت زرعي شعبي ۾ پيشيواراڻي سگهه جي ترقي ۽ توسيعي خدمتن جي منصوبي کي مالي مدد فراهم ڪرڻ آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت واري ڊويزن پاران جاري بيان موجب پاڪستان حڪومت پاران اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري محمد حمير ڪريم، جڏهن ته اٽلي حڪومت پاران پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير ماريلينا آرميلين معاهدي تي صحيحيون ڪيون. ان موقعي تي اٽلي جي ترقياتي تعاون ايجنسي، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق ۽ صوبائي کاتن جون اعليٰ اختياريون به موجود هيون. ان منصوبي جو مقصد زرعي شعبي تي خاص ڌيان ڏيندي پاڪستان جي فني ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. ان تحت پيشيواراڻي مهارتن ۾ اضافو، فني سندن جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ زرعي ويليو چينز ۾ جدت کي هٿي ڏيڻ شامل آهي. هي منصوبو جديد مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگ تربيتي پروگرامن ذريعي آبادگارن، زرعي توسيعي عملي، تربيت ڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي سگهه ۾ اضافو ڪندو، جنهن سان زرعي پيداوار، پائيدار زرعي طريقن ۽ عوام جي معاشي حالتن ۾ بهتري ايندي. پروگرام تحت اعليٰ قدر رکندڙ زرعي فصلن جي ترقي ۽ زرعي ۽ غذائي ويليو چينز کي مضبوط بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. منصوبي تحت زيتون، پسته، کجور، کنڀي، چيري، انگور، آڙو ۽ بادام جهڙن فصلن تي خاص ڌيان ڏن ويندو جتي جديد اٽلي جي زرعي مهارت ۽ پاڪستان جي وسيع زرعي سگهه مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو. 42 مهينن تي ٻڌل ان پروگرام دوران 720 تربيتي ڪورسز منعقد ڪيا ويندا جن مان 18398 ماڻهو فائدو کڻي سگهندا. ان ۾ هاري، عورتون، نوجوان ۽ تربيت ڏيندڙ شامل هوندا. ان کان علاوه 11 معياري تربيتي نصاب به تيار ڪيا ويندا. منصوبي تحت بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ باغن ۽ نرسرين جا 12 ماڊل، 8 ماحول دوست (ايڪو) ڳوٺ جيڪي موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس هوندا، 5 زرعي ۽ غذائي پراسيسنگ يونٽس ۽ 2 قومي امتيازي مرڪز (نيشنل سينٽرز فار ايڪسيلنس) قائم ڪيا ويندا. اهي مرڪز ترتيب وار سرگوڌا (پنجاب) ۾ مالٽي وڪينو (اسٽريس) ۽ تربت (بلوچستان) ۾ کجور جي پيداوار لاءِ قائم ڪيا ويندا. ان منصوبي تي عملدرآمد پاڪستان آئل سيڊ کاتي پاران صوبائي زراعت کاتي جي تعاون سان ڪيو ويندو. اميد آهي ته ان جي نتيجي ۾ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. بعد ۾ نقصانن جي برداشت ۾ گهٽتائي ايندي، آبادگارن جي تنظيمن ۽ ڪو آپريٽوز کي سگهه ملندي ۽ پاڪستان جي زرعي شعبي جي چٽاڀيٽي صلاحيت ۾ نمايان بهتري ايندي. ان معاهدي تي صحيحيون پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ مضبوط ۽ پراڻي ترقياتي حصيداري جو مظهر آهن، جيڪي پائيدار زرعي ترقي، مهارتن کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط ٻه طرفه تعاون ذريعي جامع معاشي ترقي جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪن ٿا.