APP78-05 ISLAMABAD: August 05 - President Dr. Arif Alvi addressing the entrance exam of Presidential Initiative for Artificial Intelligence and Computing at Jinnah Sports Complex. APP

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي والاريل ڪشمير جي عوام لاءِ پاڪستان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ رهندي، ڀارت ڄاڻي وٺي ته ماڻهن جي آزادي ختم نٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي آزادين تي راتاهو لڳائي سگهجي ٿو، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي تنهن هوندي به ڪنهن قوم کي دٻائي نٿو سگهجي، هن اها ڳالهه جناح اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ صدارتي قدم براءِ آرٽيفيشل انٽيلي جنس اينڊ ڪمپيوٽنگ جي اميدوارن جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي.