پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سان آمريڪي سفارتخاني جي عملدارن جي ملاقات، عالمي امن لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪردار جي تعريف

اسلام آباد -29 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سان آمريڪي سفارتخاني جي عملدارن سومر ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ پوليٽيڪل افيئرز بابت قونصلر منسٽر ٽيري اسٽيئرز گونزا ليز ۽ انٽرنل پوليٽيڪل يونٽ جو چيف ڪيرن گلوسر شامل هئا. آمريڪي عملدارن عالمي امن لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد …

اسلام آباد -29 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سان آمريڪي سفارتخاني جي عملدارن سومر ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ پوليٽيڪل افيئرز بابت قونصلر منسٽر ٽيري اسٽيئرز گونزا ليز ۽ انٽرنل پوليٽيڪل يونٽ جو چيف ڪيرن گلوسر شامل هئا. آمريڪي عملدارن عالمي امن لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان تي پوري دنيا مان پذيرائي ملي رهي آهي. هن چيو ته آمريڪا سميت ٻين ملڪن پاران پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو اعتراف اسان جي لاءِ فخر جو سبب آهي. پاڪستان خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو هاڪاري ڪردر ادا ڪندو رهندو. انشاالله اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جلد ئي حتمي معاهدي ۾ بدلجندو. آمريڪي ۽ ايراني قيادت جا ٿورائتا آهيون ته انهن پاڪستان تي اعتماد جو اظهار ڪيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نائب صدر جي ڊي وينس جهڙي طرح پاڪستاني قيادت جي تعريف ڪئي اها واکاڻ جوڳي آهي. آمريڪي سفارتڪارن چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز ڪيمپ آفيس تي حملو مذمت جوڳو آهي. پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سمورن واقعن جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا. دهشتگردي خلاف پاڪستان کي پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. آمريڪي عملدارن جو چوڻ هو ته پارلياماني معاملن واري وزارت بجيٽ سيشن سميت سمورن پارلياماني معاملن ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. پاڪستان ۽ آمريڪا جا پراڻا لاڳاپا رهيا آهن پر هاڻي اهي وڌيڪ مضبوط ٿي ويا آهن. هاڻي پاڪستان سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿي ويا آهن. آمريڪا سان واپاري، معاشي ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين. آمريڪي عملدارن چيو ته آمريڪا پاڪستان سان هر شعبي ۾ تعاون وڌائيندو.