APP79-07 ISLAMABAD: March 07 - Minister for Foreign & European Affairs of Luxembourg Jean Asselborn called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ لڪسمبرگ جي وچ ۾ وسيع تر ٻه طرفي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي آءِ ٽي، صحت ۽ صاف توانائي جي شعبن ۾ لڪسمبرگ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. هن اها ڳالهه لڪسمبرگ جي پرڏيهي ۽ يورپي معاملن جي وزير جين ايسل بورن سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.