APP65-06 ISLAMABAD: March 06 - Governor Sindh Imran Ismail called on Prime Minister Imran Khan at PM's Office. Minister for Human Rights Ms. Shireen Mazari is also present. APP

اسلام آباد – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ جي عوام جي خوشحالي ۽ انهن جي مسئلن جو حل حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. هن اها ڳالهه سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.