لاڙڪاڻو-25 جون (اي پي پي) ضلعي صحت آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو چيو آهي ته 10 محرم الحرام جي سلسلي ۾ عزادارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ صحت کاتي پاران ضلعي انتظاميا، پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ، پي پي ايڇ آءِ، ريسڪيو 1122، ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان جامع پلان تيار ڪيو ويو آهي. …
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 9-10 محرم الحرام دوران مجلسن ۽ جلوسن کي نظر ۾ رکندي هيلٿ ايمرجنسي لاڳو
لاڙڪاڻو-25 جون (اي پي پي) ضلعي صحت آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو چيو آهي ته 10 محرم الحرام جي سلسلي ۾ عزادارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ صحت کاتي پاران ضلعي انتظاميا، پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ، پي پي ايڇ آءِ، ريسڪيو 1122، ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان جامع پلان تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته شيعا علماءِ ڪائونسل، نفاذ فقھ جعفريا ۽ مختلف امام بارگاهن جي منتظمين سان صلاح مشوري بعد محرم الحرام دوران صحت جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو موجب لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر، ڪيولٽي، تعلقا اسپتالن، رورل هيلٿ سينٽرن ۽ ضلعي جي سمورن ننڍن وڏن صحت مرڪزن ۾ 24 ڪلاڪ ايمرجنسي ڊيوٽيون مقرر ڪيون ويون آهن. ان مقصد لاءِ 120 ڊاڪٽر، 295 پيرا ميڊيڪل اسٽاف، 45 ايمبولينسون ۽ صحت کاتي جا ٻيا ملازم مقرر ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلع لاڙڪاڻي جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۽ علائقن ۾ 128 ميڊيڪل ٽيمون ۽ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي مجلسن ۽ جلوسن ۾ شرڪت ڪندڙ عزادارن کي فوري طبي امداد، دوائون ۽ ٻين ضروري صحت سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو موجب ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻو ۽ ڊي ايڇ او آفيس ۾ ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيا ويا آهن، جتان ايمبولينسز سروس، طبي امداد ۽ ٻين انتظامن جي مسلسل نگراني ڪئي ويندي. هن چيو ته صحت کاتي پاران محرم الحرام جي ڏهاڙن دوران سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ته جيئن عزادارن کي ڪنهن به طبي تڪليف يا هنگامي صورتحال پيش اچڻ جي صورت ۾ فوري ۽ مؤثر طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.











