عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان برقرار

واشنگٽن-25 جون (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان خميس تي به برقرار رهيو. عالمي رسد بابت خدشا گهٽ ٿيڻ کانپوءِ قيمتون جنگ کان پهرين جي سطح جي ويجهو پهچي ويون. پرڏيهي ميڊيا موجب آگسٽ ۾ فراهميءَ لاءِ برينٽ خام تيل جو وڪرو 40 سينٽ 0.54 سيڪڙو جي گهٽتائيءَ سان 73.34 ڊالر في بيرل تائين اچي ويو آهي. جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس …

واشنگٽن-25 جون (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان خميس تي به برقرار رهيو. عالمي رسد بابت خدشا گهٽ ٿيڻ کانپوءِ قيمتون جنگ کان پهرين جي سطح جي ويجهو پهچي ويون. پرڏيهي ميڊيا موجب آگسٽ ۾ فراهميءَ لاءِ برينٽ خام تيل جو وڪرو 40 سينٽ 0.54 سيڪڙو جي گهٽتائيءَ سان 73.34 ڊالر في بيرل تائين اچي ويو آهي. جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ خام تيل جو وڪرو 27 سينٽ 0.38 سيڪڙو جي گهٽتائيءَ سان 70.07 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيو.