اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت عوام جي ٽيڪسن جو پئسو ٻاهرين ملڪ موڪلڻ بدران عوام تي خرچ ڪرڻ چاهي ٿي، تازي اقتصادي پيڪيج سان عوام ۾ خوشي جي لهر آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت جي قيام سان ٻاهرين دنيا ۾ پاڪستان تي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ بڻيو آهي جنهن گرين انرجي جي حوالي سان پنهنجا هدف حاصل ڪيا آهن، سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ويا آهن، سينيٽ جي اجلاس ۾ ضمني مالياتي (ٻي ترميمي) بل 2019ع تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اسان کي جهڙي طرح جي معيشت ملي آهي ان کي منظم ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم هو