حيدرآباد- 24 جون (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر آسيا اڪبر پنهور آمريڪا جي يونيورسٽي آف وسڪونسن - ميڊيسن ۾ خوراڪ جي معيار ۽ غذائي تحفظ لاءِ بايو سينسنگ جي شعبي ۾ هڪ مقبول پوسٽ ڊاڪٽورل تحقيقي فيلوشپ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪري ورتي آهي. يونيورسٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ڊاڪٽر آسيا پنهور عالمي شهرت …
سنڌ زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر آمريڪا ۾ پوسٽ ڊاڪٽورل فيلوشپ مڪمل ڪري ورتي

مزید خبریں
حيدرآباد- 24 جون (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر آسيا اڪبر پنهور آمريڪا جي يونيورسٽي آف وسڪونسن – ميڊيسن ۾ خوراڪ جي معيار ۽ غذائي تحفظ لاءِ بايو سينسنگ جي شعبي ۾ هڪ مقبول پوسٽ ڊاڪٽورل تحقيقي فيلوشپ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪري ورتي آهي. يونيورسٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ڊاڪٽر آسيا پنهور عالمي شهرت يافته فوڊ انجنيئرنگ ۽ بايو سينسنگ ٽيڪنالاجيز جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر سندرم گناسيڪرن جي نگراني ۽ سهڪار هيٺ جديد تحقيق سرانجام ڏني، پنهنجي فيلوشپ دوران ڊاڪٽر آسيا پنهور خوراڪ جي تحفظ بابت تيز رفتار تجزئي، زرعي دوائن جي باقيات جي حقيقي وقت ۾ نگراني ۽ خوراڪ جي معيار جي جاچ لاءِ گهٽ لاڳت وارن پورٽيبل اليڪٽرو ڪيميڪل سينسنگ نظامن جي ترقيءَ سان لاڳاپيل جديد ٽيڪنالاجيز تي ڪم ڪيو، سندس تحقيق جو بنيادي مقصد غذائي تحفظ جي نظامن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ زرعي توڙي خوراڪي شعبن لاءِ عملي سائنسي حل تيار ڪرڻ هو، هن فيلوشپ جو مقصد تحقيقي توڙي علمي قابليت وسيلي پاڪستان ۾ جديد فوڊ سائنس ۽ فصل لھڻ کان پوءِ واري ٽيڪنالاجي کي ھٿي ڏيڻ آھي، پنهنجي علمي ڪيريئر دوران ڊاڪٽر پنهور فصل کانپوءِ سنڀال، ميون ۽ ڀاڄين جي ويليو ايڊيشن، غذائي تحفظ، زرعي دوائن جي باقيات جي گهٽتائي، ۽ انبن، ڪيلن، مرچن، کجين، پٽاٽن، بصر، ڳُڙ جي شيري ۽ مقامي ڀاڄين مان جديد خوراڪي شين جي تياريءَ جي شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، هن ڪيترن ئي پوسٽ گريجوئيٽ تحقيقي منصوبن جي نگراني ڪئي آهي ۽ قومي توڙي عالمي سائنسي جرنلن ۾ وڏي تعداد ۾ تحقيقي مقالا شايع ڪرايا آهن، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر آسيا پنهور چيو ته فيلوشپ دوران حاصل ڪيل علم ۽ تجربي کي جديد تجزياتي طريقن جي واڌاري، غذائي تحفظ بابت آگاهي وڌائڻ، ويليو ايڊڊ فوڊ پروسيسنگ ٽيڪنالاجيز جي فروغ، ۽ عالمي گڏيل تحقيقي قدمن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ته جيئن شاگردن، محققن، آبادگارن ۽ خوراڪي صنعت کي فائدو پهچي سگهي، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي استادن، شاگردن ۽ سائنسي برادري ڊاڪٽر آسيا پنهور کي هن شاندار ڪاميابيءَ تي مبارڪباد پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته سندن عالمي تجربو ۽ جديد تحقيقي مهارتون پاڪستان ۾ سائنسي جدت ۽ غذائي تحفظ بابت تحقيق کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.










