اسلام آباد - 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حج 2026ع جي بهترين انتظامن کي عالمي سطح تي ساراهڻ کي پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته خدمت، محنت ۽ ديانت جو اهو ئي جذبو قومن کي عظيم بڻائي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اربع ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مذهبي معاملن واري وزارت ۽ نجي شعبي …
حج 2026ع جي بهترين انتظامن کي عالمي سطح تي ساراهڻ پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي، خدمت، محنت ۽ ديانت جو اهو ئي جذبو قومن کي عظيم بڻائي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حج 2026ع جي بهترين انتظامن کي عالمي سطح تي ساراهڻ کي پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته خدمت، محنت ۽ ديانت جو اهو ئي جذبو قومن کي عظيم بڻائي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اربع ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مذهبي معاملن واري وزارت ۽ نجي شعبي سان تعلق رکندڙ حج 2026ع جي منتظمين ملاقات ڪئي ۽ کيس بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نجي شعبي جا ٽي پاڪستاني منظم پنهنجي اعلى ڪارڪردگي سان اهو ايوارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. پاڪستاني حاجين کي بهترين سهولتن جي فراهمي تي سعودي عرب جي حڪومت پاران ٽن حج منتظمين کي لبيتم ايڪسيلنس ايوارڊ سان نوازيو ويو ۽ محمد عفان ذيشان جي المعراج منظم، محمد شاهد رفيق جي ابراهيم منظم ۽ زعيم اختر جي الفتاح منظم ترتيبوار پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. بريفنگ موجب ڊائريڪٽر جنرل حج عبدالوهاب سومرو کي پڻ شاندار ڪارڪردگي تي لبيتم ايڪسيلينس ايوارڊ ڏنو ويو. وزيراعظم ٽنهي منظمين ۽ ڊي جي حج کي ايوارڊز ملڻ ۽ سٺي ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏيندي حج 2026ع جي بهترين انتظامن ۽ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ وزارت جي سمورن آفيسرن ۽ عملي جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته اهي ايوارڊز سعودي عرب جي حڪومت پاران حج دوران پاڪستاني سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيمن تحت حاجين کي فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن جي تحسين ۽ پاڪستان جي لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جي مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ حج 2026ع جي انتظامن کي عالمي سطح تي ساراهڻ پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳو آهي، خدمت، محنت ۽ ديانت جو اهو ئي جذبو آهي جيڪو قومن کي عظيم بڻائي ٿو، ان خدمت سان توهان نه رڳو الله تعالى جي رحمت حاصل ڪئي پر حاجين جون دعائون پڻ ورتيون ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. وزيراعظم ان يقين جو اظهار ڪيو ته توهان ايندڙ سال حج جي انتظامن جي موقعي تي انهي محنت، ديانت ۽ خدمت جو معيار نه رڳو برقرار رکندا پر ان کي وڌيڪ بهتر بڻائي وڌيڪ ايوارڊز کٽيندا. ملاقات ۾ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف، بين الصوبائي ڪوآرڊينيشن وارو وزير ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، مذهبي معاملن وارو سيڪريٽري ابرار احمد مرزا، ڊائريڪٽر جنرل حج عبدالوهاب سومرو، المعراج منظم جو سي اي او محمد عفان ذيشان، ابراهيم منظم جو سي اي او محمد شاهد رفيق ۽ الفتاح منظم جو ڊي اي او زعيم اختر صديقي شامل هئا.











