روايتي ۽ غير روايتي ٻنهي قسمن جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ لچڪدار ۽ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري آهي: ايڊمرل نويد اشرف

راولپنڊي-24 جون (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف جديد جنگين جي بدلجندڙ نوعيت ۽ اُڀرندڙ سامونڊي سيڪيورٽي چئلينجز تي روشني وجهندي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته روايتي ۽ غير روايتي ٻنهي قسمن جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ لچڪدار ۽ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف …

راولپنڊي-24 جون (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف جديد جنگين جي بدلجندڙ نوعيت ۽ اُڀرندڙ سامونڊي سيڪيورٽي چئلينجز تي روشني وجهندي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته روايتي ۽ غير روايتي ٻنهي قسمن جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ لچڪدار ۽ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور جو دؤرو ڪيو ۽ 55هين پاڪستان نيوي اسٽاف ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو. نيول چيف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مستقبل جي جنگين جون گهرجون روايتي جنگي حڪمت عملين تي نئين سر غور ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ، فڪري طور تي مضبوط افرادي قوت تيار ڪرڻ جو مطالبو ڪن ٿيون. هن جديد جنگين جي بدلجندڙ نوعيت ۽ اُڀرندڙ سامونڊي سيڪيورٽي چئلينجز تي روشني وجهندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته روايتي ۽ غير روايتي ٻنهي قسمن جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ لچڪدار ۽ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ايڊمرل نويد اشرف پاڪستان نيوي جي جديد ڪاري مقامي سطح تي تياري ۽ گڏيل آپريشنز جي عزم جو ورجايو ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو اسٽريٽجڪ سوچ، پيشيوراڻي مهارت ۽ آپريشنل بصيرت کي وڌيڪ بهتر بڻائين. بحري چئلينجز تي ڳالهائيندي نيول چيف چيو ته هندي سمنڊ جو خطو تيزيءَ سان بدلجندڙ جاگرافيائي، سياسي صورتحال ۽ وڏين طاقتن جي مخالفت سبب هڪ حساس ۽ تڪراري خطو بڻيل آهي، جنهن جا اثر علائقائي سلامتي جي ماحول تي جڙي رهيا آهن. پنهنجي پڄاڻي واري تقرير ۾ نيول چيف 55هين پاڪستان نيوي اسٽاف ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي ڪورس جي ڪامياب پڄاڻيءَ تي مبارڪون ڏنيون ۽ کين هدايت ڪئي ته هو مستقبل جي ذميدارين ۾ پيشيوراڻي مهارت، تجزياتي صلاحيت ۽ جدت پسنديءَ کي پنهنجو مقصد بڻائين.

مزید خبریں