اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پاڪستان جي ملائيشيا جي لاءِ نامزد هاءِ ڪمشنر محمد نفيس ذڪريا پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سردار اياز صادق پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۾ ملازمت دوران مختلف ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ محمد نفيس ذڪريا جي خدمتن کي ساراهيو. هن ان جي پرڏيهي وزارت ۾ ترجمان طور ۽ ڪشمير مسئلي کي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملائيشيا جي لاءِ نامزد هاءِ ڪمشنر جي ملاقات
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پاڪستان جي ملائيشيا جي لاءِ نامزد هاءِ ڪمشنر محمد نفيس ذڪريا پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سردار اياز صادق پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۾ ملازمت دوران مختلف ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ محمد نفيس ذڪريا جي خدمتن کي ساراهيو. هن ان جي پرڏيهي وزارت ۾ ترجمان طور ۽ ڪشمير مسئلي کي موثر انداز ۾ کڻڻ جي لاءِ سندس واکاڻ ڪئي. اسپيڪر بطور خاص ينگ پارليمينٽري فورم ۽ ٻين پارلياماني سرگرمين ۾ نامزد هاءِ ڪمشنر جي تعاون ڪرڻ تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو.












