APP57-03 KARACHI: November 03 - President Dr. Arif Alvi addressing the gathering during the launching ceremony of 16th International My Karachi-Oasis of Harmony Exhibition 2019” organized by Karachi Chamber of Commerce & Industries (KCCI). APP

ڪراچي – 03 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ جلد آزاد واپاري معاهدو (ايف ٽي اي) تي صحيحون ٿي وينديون جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ 16 هين عالمي ڪانفرنس ۾ مائي ڪراچي، اوسيس آف هارمني نمائش 2019ع منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ٿيندڙ تقريب کي خصوصي مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو.