قومي اسيمبليءَ گهرو وزارت جي 74 ارب 35 ڪروڙ 43 لک روپين کان وڌيڪ جي 4 مطالبن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد - 22 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ گهرو وزارت جي 74 ارب 35 ڪروڙ 43 لک روپين کان وڌيڪ جي 4 مطالبن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته مخالف ڌر طرفان پيش ڪيل ڪٽوتي جون 123 رٿون رد ڪيون ويون. گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته اسان جي قدمن جي ڪري دنيا ۾ پاڪستان جي پاسپورٽ جي ريٽنگ بهتر ٿي آهي، اسلام آباد ۾ …

اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ گهرو وزارت جي 74 ارب 35 ڪروڙ 43 لک روپين کان وڌيڪ جي 4 مطالبن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته مخالف ڌر طرفان پيش ڪيل ڪٽوتي جون 123 رٿون رد ڪيون ويون. گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته اسان جي قدمن جي ڪري دنيا ۾ پاڪستان جي پاسپورٽ جي ريٽنگ بهتر ٿي آهي، اسلام آباد ۾ ڏوهن ۾ 47 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، سائبر ڪرائيم 698 ماڻهو پڪڙيا، غيرقانوني انساني اسمگلنگ ۾ نمايان گهٽتائي ٿي. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ گهرو کاتي جي منشيات جي روڪٿام واري شعبي جي 30 جون 2027ع تي ختم ٿيندڙ مالي سال جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ 26 ارب 65 ڪروڙ 19 لک روپين کان وڌيڪ، ٻين خرچن جي مد ۾ 23 ارب 12 ڪروڙ 51 لک روپين کان وڌيڪ، اسلام آباد جي خرچن لاءِ 23 ارب 22 ڪروڙ 14 لک روپين کان وڌيڪ ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت قومي اٿارٽي جي خرچن لاءِ هڪ ارب 35 ڪروڙ 58 لک روپين کان وڌيڪ جا چار مطالبا پيش ڪيا. جنهن تي مخالف ڌر طرفان مجموعي طور تي 123 ڪٽوتي جون رٿون پيش ڪيون ويون جن جي ناڻي واري وزير مخالفت ڪئي، بعد ۾ انهن ڪٽوتي جي رٿن تي جاري بحث سهيڙيندي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته گهرو وزارت جي ماتحت 8 مختلف فورسز اندروني سيڪيورٽي لاءِ ڪم ڪنديون آهن. هڪ سال جي اندر انهن فورسز جا 501 اهلڪار شهيد ٿيا. هنن اسمگلنگ جي روڪٿام، منشيات جي خاتمي خلاف ڪارروائين، آبي ذخيرن جي حفاظت سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي جامع شهادتون ماڻيون. شهباز شريف جي سربراهي ۾ گهرو وزارت ۾ سڌارا ٿي رهيا آهن ۾ قومي فرانزڪ ايجنسي، نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي جو قيام شامل آهي. اڄ حڪومتي ڪوششن سان دنيا ۾ پاڪستان جو پاسپورٽ 100 نمبر کان هيٺ اچي ويو آهي. ان ڪري اسان پاسپورٽ جي سيڪيورٽي فيچرز ۽ پاسپورٽ ۾ تبديلي آڻي ان ۾ اميگريشن لاز کڻي آياسين، اسان جا 10 کان وڌيڪ ملڪن سان بليو ۽ ريڊ پاسپورٽ ويزه فري انٽري لاءِ معاهدا ٿيا آهن. هن چيو ته 18هين ترميم کان پوءِ منشيات جي خاتمي وارو شعبو صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي، اسان پنهنجي محدود وسيلن ۽ 3 هزار 192 نفري ۽ 33 ٿاڻن سان سڄي ملڪ ۾ اي پاليسنگ سسٽم تحت هڪ سال اندر 20 ارب ڊالر جي منشيات هٿ ڪئي. صوبن طرفان ڌار ڌار ڪارروائيون ڪيون ويون. هن چيو ته حج اڏامن سان به منشيات اسمگل ٿيندي رهي پر گذريل ٻن سالن کان اهڙو ڪو به واقعو ناهي ٿيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ منشيات جي حوالي سان وڏي ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ سمورن عرب ملڪن جي نارڪوٽڪس شعبي جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ٻڌايو ته اسان مختلف ڪارروائين ۾ عالمي گينگ جا 108 جوابدار گرفتار ڪيا، 32 مڻ منشيات پڪڙي، 40 جي لڳ ڀڳ آپريشن ڪيا. هن چيو ته اسان منشيات جي خاتمي واري فورس ۾ وڌيڪ 500 جوان ڀرتي ڪرڻ جي منظوري وٺي ڇڏي آهي. هن چيو ته وفاق يا ڪو به صوبو اڪيلي دهشتگردي خلاف جنگ نٿو کٽي سگهي، اسان جي فورسز ان جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اين ايف سي جو هڪ سيڪڙو ملندو آهي جنهن تحت کين 800 ارب روپيا مليا آهن جڏهن کان 20 کان 25 سال ۾ ٻين صوبن فرانزڪ ليب سميت سي ٽي ڊي به ناهي جوڙي. سيف سٽيز تي سيڙپڪاري ناهي ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي جي معاملي تي جڏهن ڪو اجلاس منعقد ٿئي ته ان ۾ مخالف ڌر کي پنهنجي حاضري يقيني بڻائڻ گهرجي، هتي ايوان ۾ جعفر ايڪسپريس تي اجلاس ٿيو ته مخالف ڌر شرڪت نه ڪئي. هن چيو ته قومي ايڪشن پلان پي ٽي آءِ باني جي دور ۾ بڻيو، هڪ گڏيل دستاويز هو ان تي عملدرآمد ڇو ناهي ٿي رهيو ۽ ڪهڙو صوبو ناهي ڪري رهيو، ان جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. هن چيو ته دهشتگردي جو خاتمو بجيٽ ۾ پهريون هدف آهي، امن ايندو ته پوءِ ٻي ڳالهه ٿيندي. هن چيو ته ايف آءِ اي تي به هتي تنقيد ٿي ان ۾ ڪو شڪ ناهي، ته ڪجهه بدعنوان ماڻهو به سسٽم ۾ هوندا. جڏهن ته ان ئي ايف آءِ اي ۾ ڊپوٽيشن تي هر شعبي مان ماڻهو آندا ويا، انهن جون ڀرتيون ڪنهن ڪيون، ڪنهن انهن کي سياس طور تي استعمال ڪيو، اهو ڄاڻڻ به ضروري آهي. ڊيپوٽيشن تي آيل سمورن غير ضروري آفيسرن کي پنهنجي کاتن ۾ واپس موڪليو ويو آهي. اندروني احتساب ڪندي اسان 100 آفيسرن کي نوڪرين مان ڪڍيو. هن چيوته اسان سائبر ڪرائيم جو نئون ادارو قائم ڪيو آهي جنهن جا سڄي پاڪستان لاءِ 481 ملازم آهن. وزيراعظم ان ۾ وڌيڪ ڀرتين جي اجازت ڏني آهي جنهن تي سندس ٿورو مڃون ٿا. انهن 481 ملازمن 72 هزار 400 شڪايتون ڊيل ڪيون انهن مان 32 هزار 146 جي تصديق، 10 هزار 356 جي انڪوائري ۽ 637 ڪيس رجسٽرڊ ڪيا. 689 ماڻهن کي پڪڙيو، انهن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا جيڪي اسان جي شهيدن جون مذاق اڏائيندا رهيا يا غلط ڄاڻ پکيڙي رهيا هئا ۽ اهڙا به شامل آهن جيڪي چيف جسٽس سميت ٻين ڪيترن ئي ماڻهن جي قتل جي قيمت لڳائيندا هئا. هن چيو ته اسان 2 سالن ۾ اسلام آباد ۾ 15 وڏا منصوبا مڪمل ڪيا جن ۾ جناح اسڪوائر 72 ڏينهن، طيب اردوان 84 ڏينهن، اقبال فلاءِ اوور 77 ڏينهن، نائنٿ ايوينو 63 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيا. اهڙ: طرح فيض آباد جي ري ماڊلنگ ڪئي وئي. هن چيو ته شهباز شريف 90 ارب روپين سان چئن شهرن ۾ ميٽرو ٺاهي جڏهن ته پشاور ۾ 100 ارب روپين کان وڌيڪ لڳائي هڪ ميٽرو به مڪمل ناهي ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ وڏن ڏوهن ۾ 48 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. اسلام آباد کي پهريون سمارٽ سٽي بڻائي رهيا آهيون جنهن ۾ نئين اي گورننس تحت سموريون ميونسپل سروسز مهيا ڪيون وينديون. هن بڌايو ته جرمني، ناروي ۽ جمهوريه چيڪ سميت چئن ملڪن سان ٻٽي شهريت جا معاهده طئي ٿيا آهن جڏهن ته ترڪيه، ڏکڻ آفريقا، ملائيشيا سميت 5 ملڪن سان اهي معاهدا پائيپ لائين ۾ آهن. هن چيو ته پنجاب ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو ويو ۽ ڪٿي به ڪو به نوگو ايريا ناهي، اهڙي طرح سنڌ به ڀرپور ڪارروائيون ڪيون آهن، اسان اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پوليس چيڪ پوسٽون گهٽ ڪيون آهن، وڌيڪ به جيڪڏهن ڪا غير ضروري هوندي ته ان کي ختم ڪنداسين. هن چيو ته بلٽ پروف گاڏين لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطح جي ڪميٽي وزارت ۾ ڪم ڪندي آهي،ل ان لاءِ هڪ واضح پاليسي آهي ۽ سخت ايس او پيز آهن. انهن مطابق ئي ان جي اجازت ڏني ويندي آهي. اسان وٽ اهڙين جو سمورو رڪارڊ موجود آهي، ڪنهن اهڙي فرد کي اين او سي ناهي ڏني ويندي جيڪو ان جو غلط استعمال ڪري، اهي گاڏيون وڪرو به نٿيون ڪري سگهجن، جيڪڏهن ملڪ ۾ اهڙيون غيرقانوني گاڏيون ڪٿي به موجود آهن ته ان سلسلي ۾ صوبا اسان سان سهڪار ڪن. اسان وٽ اسمگل ٿيل گاڏين جي حوالي سان وڏن وڏن شهرن جا تفصيل موجود آهن جيڪي فراهم ڪيا ويندا. گهرو وزارت جا ملازم گهرو وزير جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهن، هن آڇ ڪئي ته گهرو وزارت جي حوالي سان ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي ۽ اتي جيڪي رهنما اصول واضح ڪيا ويندا اسان انهن کي اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جنهن تي اسپيڪر چيو ته ان حوالي سان لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ معاملو بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿو. ان کان اڳ گهرو وزارت جي ڪٽوتي جي رٿن تي بحث ۾ حصو وٺندي مخالف ڌر ميمبرن گوهر علي خان، عاليه ڪامران ۽ ٻين چيو ته اسان هميشه قومي يڪجهتي، قانون جي حڪمراني ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي آهي، سڌارا ايجنڊا جو پهريون نقطو هئڻ گهرجن، اسان عوامي نمائندا آهيون ۽ ملڪ جي بهتري چاهيون ٿا. جنهن کان پوءِ اسپيڪر ڪٽوتي جو رٿون ايوان ۾ پيش ڪيون جن کي اڪثر راءِ سان رد ڪندي گهرو وزارت جي ناڻي بابت چئن مطالبن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.