چين پاران پاڪستان ۽ قطر جي ٽياڪڙي ڪوششن جي حمايت، آمريڪا ۽ ايران سان ڳالهيون جاري رکڻ جي اپيل

بيجنگ - 22 جون (اي پي پي) چين خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ سفارتي رابطن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان، قطر ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي جاري ٽياڪڙي جي ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گيوجياڪون سومر ڏينهن ميڊيا جي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته چين اهڙين سفارتي ڪوششن جي آجيان ۽ مڪمل حمايت ڪري ٿو. چيني ترجمان کان انهن …

بيجنگ – 22 جون (اي پي پي) چين خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ سفارتي رابطن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان، قطر ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي جاري ٽياڪڙي جي ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گيوجياڪون سومر ڏينهن ميڊيا جي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته چين اهڙين سفارتي ڪوششن جي آجيان ۽ مڪمل حمايت ڪري ٿو. چيني ترجمان کان انهن رپورٽن جي حوالي سان سوال ڪيو ويو، جنهن ۾ پڇيو ويو ته آمريڪا ۽ ايران سوئيٽزرلينڊ ۾ ڳالهين جي پهرين دور کان پوءِ مواصلاتي رابطا قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ته جيئن آبنائي هرمز جي سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ لبنان جي جاري جنگ جي خاتمي ۾ مدد ملي سگهي. ترجمان چيو ته چين اميد ڪري ٿو ته امريڪا ۽ ايران ڳالهين جي هاڪاري رفتار برقرار رکندا ۽ تعميري نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل طور تي اڳتي وڌندا. هن زور ڀريو ته اختلافن جي حل ۽ علائقائي استحڪام جي قيام لاءِ ڳالهيون ئي واحد رستو آهن. ڳالهين ۾ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن وچ ۾ آبنائي هرمز جي سلامتي بابت خدشن جو حوالو ڏنو ويو، جيڪو عالمي توانائي جي رسد جو هڪ اهم سامونڊي رستو آهي. چين هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مستقل موقف جو ورجاءُ ڪيو ته سمورن تڪرارن کي سفارتي رابطن، ڳالهين ۽ گڏيل مشاورت ذريعي پرامن انداز ۾ حل ڪرڻ گهرجي.