اسلام آباد - 22 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۽ مالياتي بل 2027ع تي قومي اسيمبلي جي ناڻي ۽ محصول بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سفارشن ۽ تجويزن تي ٻڌل رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڪميٽي جي چيئرمين سيد نويد قمر ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن رپورٽ ايوان ۾ پيش …
وفاقي بجيٽ ۽ مالياتي بل 2027ع تي قومي اسيمبلي جي ناڻي ۽ محصول بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جون سفارشن ۽ تجويزن تي ٻڌل رپورٽ ايوان ۾ پيش
اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۽ مالياتي بل 2027ع تي قومي اسيمبلي جي ناڻي ۽ محصول بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سفارشن ۽ تجويزن تي ٻڌل رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڪميٽي جي چيئرمين سيد نويد قمر ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. هن چيو ته ڪميٽيءَ ڊگهي مشاورت، تفصيلي غور ويچار ۽ مختلف لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت کان پوءِ فنانس بل بابت پنهنجي سفارشن کي حتمي شڪل ڏني آهي. هن خاطري ڪرائي ته اختلافي نوٽ جمع ڪرائيندڙ ميمبرن جي اٿاريل نقطن تي بجيٽ جي منظوري کان پوءِ به غور جاري رکيو ويندو. هن حڪومت سهڪار تي ٿورو مڃيندي چيو ته مختلف راءِ رکندڙ ميمبرن جا اختلافي نوٽ رپورٽ جو حصو بڻايا ويا آهن ته جيئن ايندڙ قانونسازي دوران سمورن نقطن کي نظر ۾ رکيو وڃي. هن مخالف ڌر ميمبرن جي ڪميٽي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن هو شرڪت ڪن ها ته رپورٽ وڌيڪ جامع ۽ مضبوط بڻجي سگهي پئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ اهم معاشي قانونسازي تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ سموريون سياسي پارٽيون ڀرپور شرڪت ڪنديون ته جيئن مختلف رائين کي پاليسي سازي ۾ مناسب جڳهه ملي سگهي. هن ٻڌايو ته اٽڪل 17 کان 18 صفحن تي ٻڌل ڪميٽي جي رپورٽ ۾ آٽوموبائيل، موبائيلف ون ۽ ٻين صنعتن بابت ڪيتريون ئي سفارشون شامل آهن جن حڪومت جي ڄاڻايل ٽيڪس ۽ ڊيجٽلائيزيشن پاليسين تي خدشن جو اظهار ڪيو هو. فيس ليس ڪسٽمز اسيسمينٽ ۽ ٻيا خودڪار نظام شفافيت ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ضروري آهن. جڏهن ته پاڪستان کي پائيدار مالياتي نظام لاءِ پنهنجي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح ۾ نمايان اضافو ڪرڻو پوندو ته جيئن قرضن ۽بجيٽ خساري تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪري سگهجي. هن چي ته حڪومت مستقل طور تي قرضن ۽ خسارن جي سهڪار نه ٿي هلي سگهي. رياستي خرچن جو وڌ کان وڌ ڀاڙڻ منصفاڻي ۽ اثرائتي طريقي سان حاصل ٿيندڙ ٽيڪسن تي هئڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ٽيڪس سڌارن سان اهڙا حفاطتي قدم به ضروري آهن جيڪي ٽيڪس عملدارن طرفان اختيارن جي امڪاني غلط استعمال کي روڪي سگهن، جاري سڌارن جو بنيادي مقصد صوابديدي اختيارن ۾ گهٽتائي، شفافيت ۾ اضافو ۽ ٽيڪس نظام کي وڌيڪ جامع بڻائڻ آهي. هن چيو ته ڪميٽي آئينده به ناڻي واري وزارت سان گڏجي ٽيڪس نظام ۾ بهتري ۽ بجيٽ بابت پارلياماني نگراني کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ڪم جاري رکندي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان جي مالياتي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بجيٽ سازي جي عمل ۾ عوامي راءِ ۽ مفادن کي شامل ڪرڻ جون ڪوششون آئينده به جاري رکيون وينديون.











