آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ والاريل ڪشمير ۾ ظلم بند ڪرائين: خواجه محمد آصف

اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته آمريڪا ۽ خطي جي ملڪن کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ريڊيو پاڪستان موجب هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڀارت سان ڳالهين جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڀارت کي اڳ ۾ ورڪنگ …

اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته آمريڪا ۽ خطي جي ملڪن کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ريڊيو پاڪستان موجب هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڀارت سان ڳالهين جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڀارت کي اڳ ۾ ورڪنگ بائونڊري تي اشتعال انگيز ڪارروايون بند ڪرڻ گهرجن جن ۾ ڪيترائي شهري شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن.