APP49-12 ISLAMABAD: June 12 – President Mamnoon Hussain addressing the Iftar dinner in honour of the heads of foreign mission at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي( صدر ممنون حسين چيو آهي ته اسان ”نيشنل ايڪشن پلان“ تحت دهشتگردي ۽ فرقيواراڻي مواد جي نشر يا ڇپائي تي موثر طريقي سان منهن ڏئي رهيا آهيون، 25 جولاءِ تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن، اميد ڪريان ٿو ته ايندڙ جمهوري حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪندي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت ڪشمير مسئلي سميت سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين تي آماده ٿي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سفيرن جي اعزاز ۾ افطار آجياڻي جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو.