
اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين 31 هين آئيني ترميم تي صحيح ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ قبائلي علائقا خيبرپختونخوا صوبي جا باقاعده طور تي حصو بڻجي ويا آهن ۽ انهن علائقن جي عوام کي ملڪ جي ٻي عوام جي برابر آئيني حق حاصل هوندا، صدر ان موقعي تي انهن علائقن جي عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ان تاريخي قدم سان اڳوڻي قبائلي علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي جا دروازا کلي ويا آهن جنهن سان پاڪستان مضبوط ٿيندو ۽ خطي ۾ استحڪام پيدا ٿيندو، آئيني ترميم تي صحيح جي سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ سادي پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر اقبال ظفر جڳهڙا، فاٽا ريفارم ڪميٽي جو سربراهه سرتاج عزيز، نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر جنرل (ر) ناصر جنجوعه ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار بئريسٽر ظفر الله خان به موجود هئا.