APP34-17 ISLAMABAD: May 17 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi chairing a meeting of the Federal Cabinet at PM Office. APP

اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فاٽا سڌارا بل کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ ۽ اسلام آباد ۾ ميڊيڪل سٽي جي قيام جڏهن ته روس، برازيل، آسٽريليا ۽ سريلنڪا سان مختلف معاهدن، ٺاهن تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو، ڪابينا فاٽا سڌارا بل کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني