ريوڊي جنيرو - 18 جون (اي پي پي) برازيل جي صدر لوئيز اناسيولولا سادلوا آمريڪا طرفان برازيل جي مصنوعات تي نئون ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي کي غير ذميواراڻو قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري واپاري ڳالهين جي ابتڙ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فرانس ۾ جي - 7 سربراهي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي صدر چيو ته آمريڪا جو تازو قدم انهن …
برازيل نئين آمريڪي ٽيرف ڌمڪي کي غيرذميواراڻو قرار ڏئي ڇڏيو

مزید خبریں
ريوڊي جنيرو – 18 جون (اي پي پي) برازيل جي صدر لوئيز اناسيولولا سادلوا آمريڪا طرفان برازيل جي مصنوعات تي نئون ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي کي غير ذميواراڻو قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري واپاري ڳالهين جي ابتڙ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فرانس ۾ جي – 7 سربراهي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي صدر چيو ته آمريڪا جو تازو قدم انهن ڳالهين جي خلاف آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پهريان ئي جاري آهي. هن چيو ته برازيل سان ائين ڪرڻ هڪ غير ذميواراڻو قدم آهي. سندس اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ٽرمپ انتظاميه برازيل جي مصنوعات تي نئون ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، جنهن سان برازيلي اختيارين ۽ ڪاروباري ماڻهن ۾ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي. برازيل جي صدر زور ڀريو ته ٻنهي حڪومتن وچ ۾ قائم سفارتي ۽ واپار ذريعي ڳالهين جو عمل جاري آهي، ان لاءِ في الحال ڪنهن ٻه طرفي ملاقات جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي. پر هن چيو ته جيڪڏهن موجوده ڳالهين سان اطمينان بخش نتيجو حاصل نه ٿيو ته هو آمريڪي صدر ڊونلد ٽرمپ سان سڌي ريت رابطي لاءِ به تيار آهي.









