سنڌ جي وڏي وزير پاران سينيئر اسپورٽس رپورٽر قمر احمد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

ڪراچي - 18 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه سينيئر اسپورٽس رپورٽر قمر احمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته قمر احمد اسپورٽس صحافت جي شروعاتي ۽ اهم لکندڙن مان هڪ هو، جنهن راندين جي صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته مرحوم جون اسپورٽس جرنلزم …

ڪراچي – 18 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه سينيئر اسپورٽس رپورٽر قمر احمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته قمر احمد اسپورٽس صحافت جي شروعاتي ۽ اهم لکندڙن مان هڪ هو، جنهن راندين جي صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته مرحوم جون اسپورٽس جرنلزم لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. سيد مراد علي شاهه مرحوم جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ قمر احمد کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي هي ڏک برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا ڪري.