لاڙڪاڻو - 18 جون (اي پي پي) پاڪستان نيوي ۾ سيلر طور نوجوانن جي ڀرتيءَ لاءِ رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي. پاڪ نيوي جي مختلف برانچن ٽيڪنيڪل، نيول پوليس، ميرين، نائب خطيب، شيف، ميوزيشن، ايم ٽي وي ڊرائيور، سينيٽري ورڪر، پي ٽي برانچ ۾ ڀرتين لاءِ مئٽرڪ پاس نوجوانن جي ڀرتي ڪئي ويندي. سندن عمر 16 کان 20 سال هجڻ گهرجي. ڊائريڪٽ انٽري سيلر (آءِ ٽي برانچ) لاءِ مئٽرڪ سائنس …
پاڪستان نيوي ۾ سيلر طور نوجوانن جي ڀرتيءَ لاءِ رجسٽريشن شروع

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 18 جون (اي پي پي) پاڪستان نيوي ۾ سيلر طور نوجوانن جي ڀرتيءَ لاءِ رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي. پاڪ نيوي جي مختلف برانچن ٽيڪنيڪل، نيول پوليس، ميرين، نائب خطيب، شيف، ميوزيشن، ايم ٽي وي ڊرائيور، سينيٽري ورڪر، پي ٽي برانچ ۾ ڀرتين لاءِ مئٽرڪ پاس نوجوانن جي ڀرتي ڪئي ويندي. سندن عمر 16 کان 20 سال هجڻ گهرجي. ڊائريڪٽ انٽري سيلر (آءِ ٽي برانچ) لاءِ مئٽرڪ سائنس ۾ 60 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ نوجوان اهل هوندا، سندن عمر 16 کان 22 ۽ ايل آءِ ٽي ٽي لاءِ عمر جي حد 22 کان 27 سال هوندي. آءِ ٽي اي ڪئٽيگري لاءِ عمر جي حد 27 کان 32 سال هجڻ گهرجي. خواهشمند اميدوارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته پاڪستان نيوي جي ويب سائيٽ www.paknavy.gov.Pk تي رجسٽريشن ڪرائن، جنهن جي آخري تاريخ 5 جولاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. اميدوار نيوي جي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ قائم سليڪشن سينٽرن سان به رابطو ڪري وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا.








