APP70-17 ISLAMABAD: May 17 – Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi chairs meeting of the economic coordination committee of the cabinet (ECC) at PM office. APP

اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (ايڪنڪ) مختلف هنڌن تي 11 ايل پي جي ايئر مڪس پلانٽس لڳائڻ ۽ مقامي سطح تي ڀاڻ جي پيداوار جي حوصلا افزائي لاءِ پاڪ عرب فرٽيلائيزر لميٽيڊ کي 75 ملين مڪعب ڪيوبڪ فوٽ روزاني گئس جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو.