اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڪشمير لاڳيتو هڪ ٻرندڙ جبل وانگر آهي، ڪشمير جي بهادر فرزند برهان مظفر واني جي رت سان روشن ٿيندڙ آزادي واري ڏيئي ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر پيغام ڏنو آهي ته ڪشمير مسئلي کي طاقت ذريعي دٻائڻ بدران عالمي برادري سان ڪيل واعدن موجب ريفرنڊم ذريعي حل ڪري. پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته جيئن ته سمورن معزز ميمبرن کي خبر آهي ته پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي هن گڏيل اجلاس جو فيصلو والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت جي جارحاڻن قدمن جي حوالي سان ڪيو ويو آهي. اها حقيقت پوري دنيا تي واضح ٿي چڪي آهي ته 7 لک ڀارتي فوج جي ظلمن باوجود والاريل ڪشمير جي عوام جي حريت جي جذبي کي دٻائي نه ٿو سگهجي، ظلم جي هر وار سان گڏ آزادي جو جذبو پختو ٿي رهيو آهي، 6 ڏهاڪن کان ڪشميرين کي غلام بڻائڻ رکڻ جي ڪوششن جي باوجود پنهنجي حقن جي لاءِ جان جي بازي لڳائيندڙ سرفروشن جو قافلو پنهنجي منزل طرف گامزن آهي.