ڪراچي-07 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه محفوظ خوراڪ واري عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي وزيراعليٰ ھائوس مان جاري سندس پيغام ۾ چيو آهي ته معياري خوراڪ هر انسان جو بنيادي حق ۽ صحتمند سماج جي ضمانت آهي. هن چيو ته خوراڪ جو تحفظ انساني صحت، مضبوط معيشت ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو، جڏهن ته غير معياري ۽ خراب خوراڪ ڪيترين …
معياري خوراڪ صحتمند سماج جي ضمانت آهي،مراد علي شاهه
ڪراچي-07 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه محفوظ خوراڪ واري عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي وزيراعليٰ ھائوس مان جاري سندس پيغام ۾ چيو آهي ته معياري خوراڪ هر انسان جو بنيادي حق ۽ صحتمند سماج جي ضمانت آهي. هن چيو ته خوراڪ جو تحفظ انساني صحت، مضبوط معيشت ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو، جڏهن ته غير معياري ۽ خراب خوراڪ ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين جو سبب بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي محفوظ، معياري ۽ صحتمند خوراڪ جي فراهمي لاءِ مؤثر اپاءَ وٺي رهي آهي. هن چيو ته خوراڪ جي تياري کان وٺي استعمال تائين هر مرحلي تي احتياط، صفائي ۽ معيار کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته خوراڪ جو تحفظ رڳو حڪومت جي ذميواري ناهي پر پوري سماج جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته خوراڪ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ مؤثر نگراني ۽ فوڊ سيفٽي قانونن تي عملدرآمد جاري آهي ته جيئن عوام کي محفوظ خوراڪ جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن عوام تي زور ڀريو ته اهي صاف پاڻي، صحت جي حفاظت، صفائي سٿرائي ۽ محفوظ خوراڪ جي اصولن تي عمل ڪن وڏي وزير چيو ته محفوظ خوراڪ وارو عالمي ڏھاڙو اسان کي صحتمند ۽ محفوظ مستقبل لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿو. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ٻارن، عورتن ۽ ڪمزور طبقن کي محفوظ خوراڪ جي فراهمي سنڌ حڪومت جي پھرين ترجيح آهي، ڇاڪاڻ ته محفوظ خوراڪ ئي صحتمند قوم ۽ مضبوط معيشت جو بنياد آهي.










