اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ملتان ۾ ٽرين حادثي ۾ جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر مان جاري هڪ بيان ۾ صدر ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جي گهر ڀاتين سان تعزيت به ڪئي ۽ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي.