سون جي قيمت ۾ في تولو 3200 رپيا واڌ

اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 24 قيراط في تولي سون جو اگهه 3200 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 32336 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل اگهن موجب 10 گرام 24 قيراط سون جي قيمت 2744 رپين جي واڌ کان پوءِ 3 لک 70658 رپيا جڏهن …

اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 24 قيراط في تولي سون جو اگهه 3200 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 32336 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل اگهن موجب 10 گرام 24 قيراط سون جي قيمت 2744 رپين جي واڌ کان پوءِ 3 لک 70658 رپيا جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جو اگهه 2516 رپين جي واڌ کان پوءِ 3 لک 39782 رپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 32 ڊالر واڌ کان پوءِ 4098 ڊالر في اونس ٿي ويو. ان کان علاوه چانديءَ جي قيمت 55 رپين جي واڌ سان 5723 رپيا جڏهن ته 10 گرام چانديءَ جو اگهه 47 رپين جي واڌ کان پوءِ 4906 رپيا ٿي ويو. عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ چانديءَ جي قيمت 0.55 ڊالر واڌ سان 52.45 ڊالر في اونس رڪارڊ ڪئي وئي.