پاڪستان پاران رياض ۾ سعودي آرامڪو جي انتظامي عمارت تي حوثين جي حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت

اسلام آباد - 09 نومبر (اي پي پي) پاڪستان رياض ۾ سعودي آرامڪو جي انتظامي عمارت تي حوثين پاران حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي ۽ ان جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ سمورن ضروري قدمن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته خوشقسمتي سان واقعي ۾ ڪو جاني …

اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) پاڪستان رياض ۾ سعودي آرامڪو جي انتظامي عمارت تي حوثين پاران حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي ۽ ان جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ سمورن ضروري قدمن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته خوشقسمتي سان واقعي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، شهري ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ انساني جانين ۽ علائقائي سلامتي جي حوالي سان غيرذميواراڻي رويي ۽ سنگين لاپرواهي جو مظهر آهي. پاڪستان حوثين کان مطالبو ڪيو ته اهي سعودي عرب جي خلاف سمورا حملا فوري ۽ غيرمشروط طور تي بند ڪن. بيان ۾ سعودي عملدارن جي هوشياري ۽ ان بنا جواز ۽ اشتعال انگيز جارحيت جي فوري جواب ڏيڻ جي صلاحيت کي ساراهيندي چيو ويو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام سان گڏ پوري ثابت قدمي سان بيٺل آهي ۽ سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ سمورن ضروري قدمن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، سعودي عرب جي سلامتي پاڪستان جي لاءِ غيرمعمولي اهميت رکي ٿي ۽ سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ پاڪستان جو عزم پختو آهي.