علامه محمد اقبال تحريڪ پاڪستان جو بنياد رکيو: پروفيسر احسن اقبال

لاهور- 09 نومبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته علامه محمد اقبال اسان جي قومي تاريخ جو عظيم سرمايو آهي، جنهن پنهنجي فڪر، شاعري ۽ پيغام ذريعي هڪ سُتل قوم کي بيدار ڪيو ۽ ان کي اهڙي فڪري تحريڪ ڏني جيڪا آخرڪار پاڪستان جي قيام جي صورت ۾ ثابت ٿي. علامه محمد اقبال نه صرف هڪ آزاد وطن جو خواب ڏٺو پر …

لاهور- 09 نومبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته علامه محمد اقبال اسان جي قومي تاريخ جو عظيم سرمايو آهي، جنهن پنهنجي فڪر، شاعري ۽ پيغام ذريعي هڪ سُتل قوم کي بيدار ڪيو ۽ ان کي اهڙي فڪري تحريڪ ڏني جيڪا آخرڪار پاڪستان جي قيام جي صورت ۾ ثابت ٿي. علامه محمد اقبال نه صرف هڪ آزاد وطن جو خواب ڏٺو پر ان خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ قائداعظم محمدعلي جناح جي چونڊ ڪئي ۽ کيس ننڍي کنڊ واپس آڻي مسلمانن جي اڳواڻيءَ جي دعوت ڏني. سومر ڏينهن يوم اقبال تي وفاقي وزير احسن اقبال، علامه محمد اقبال جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪري اوڀر جي شاعر کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته علامه محمد اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي سندس شاندار ماضيءَ جي روشن رُخن سان روشناس ڪرايو ۽ انهن ۾ اها خاطري پيدا ڪئي ته هو پنهنجي صلاحيتن، اجتماعي قوت ۽ بلند ڪردار ذريعي وڏي کان وڏو ڪارنامڪ سرانجام ڏئي سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته اسان 2026ع ۾ آهيون ۽ اڄ اسڪول ۾ داخل ٿيندڙ هر ٻار درحقيقت 2047ع جي پاڪستان جو معمار آهي، ان لاءِ اسان کي نئين نسل کي علم، تحقيق ۽ جديد علم ۾ اهڙي قابليت سان سينگارڻو پوندو ته هو مستقبل جي چئيلنجز جو مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته اسان کي پنهنجي صلاحيتن ۽ قومي وسيلن تي اعتماد ڪندي علم ۽ هنر جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻو پوندو ته جيئن پاڪستان هڪ مضبوط، خوداعتماد ۽ ترقي يافته ملڪ بڻجي سگهي.