وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران چين جي صوبي شانگسي ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صوبي شانگسي ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم حڪومت، پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي پاران صدر شي جن پنگ ۽ واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ڪئي. هن …

اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صوبي شانگسي ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم حڪومت، پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي پاران صدر شي جن پنگ ۽ واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ڪئي. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون دعائون ۽ همدرديون صوبي شانگسي جي عوام ۽ چين جي قيادت سان گڏ آهن.