وزيراعظم سان جماعت اسلامي جي امير جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات، مالي سگهه موجب حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي: محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام تي پوندڙ بار جو پوري طرح احساس آهي، موجوده بحران جو تعلق حڪومتي پاليسين سان نه پر علائقائي ۽ عالمي حالتن جي ڏس ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان آهي جڏهن ته مالي سگهه موجب حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي. …

اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام تي پوندڙ بار جو پوري طرح احساس آهي، موجوده بحران جو تعلق حڪومتي پاليسين سان نه پر علائقائي ۽ عالمي حالتن جي ڏس ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان آهي جڏهن ته مالي سگهه موجب حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ جماعت اسلامي جا اڳواڻ لياقت بلوچ، سيد فراست شاهه، نصرالله رنڌاوا ۽ عنايت الله شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي ۽ ريلوي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني پڻ موجود هئا. وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي حوالي سان جماعت اسلامي پاران ڳالهه ٻولهه جو رستو اختيار ڪرڻ تي وفد جا ٿورا ادا ڪيا. جماعت اسلامي جي وفد پيٽروليم ليوي جي خاتمي ۽ عوام جي ريليف جي لاءِ پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته کيس پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام تي پوندڙ بار جو پوري طرح احساس آهي. تازي علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان گهٽ آمدني واري طبقي کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران ڏني ويندڙ پيٽروليم مصنوعات ۾ ريليف جو ذڪر ڪندي هن چيو ته حڪومت علائقائي بحران جي حل لاءِ ڀرپور سفارتي ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن صورتحال معمول تي اچي سگهي، موجوده بحران جو تعلق حڪومتي پاليسين سان نه پر علائقائي ۽ عالمي حالتن جي ڏس ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان آهي جڏهن ته مالي سگهه موجب حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي. وزيراعظم وفد کي گهٽ آمدني واري طبقي جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي مد ۾ حڪومت پاران هيستائين فراهم ڪيل فريليف جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته هيستائين هڪ ڪروڙ 27 لک ماڻهو ان اسڪيم ۾ رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. ملاقات ۾ اتفاق ٿيو ته حڪومت ۽ جماعت اسلامي جي ٽن ٽن ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي هيٺ ڏنل قدمن تي حتمي سفارشون پيش ڪندي، عوام جي لاءِ پيٽرول تي جاري ريليف اسڪيم جو دائرو وڌايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ مستحق عوام ان مان فائدو کڻي سگهي، پيٽروليم ليوي ۾ مرحليوار گهٽتائي جي لاءِ بجيٽ جي لاءِ قابل عمل تجويزون جوڙيون وڃن. وزيراعظم حڪومت پاران ڪميٽي جي لاءِ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله کي نامزد ڪيو.