مواصلات واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ پاڪستان پوسٽ آفيس جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ پاڪستان پوسٽ آفيس جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان پوسٽل سروسز جي بنيادي مسئلن، موجوده خساري، مالي مشڪلاتن ۽ انهن جي امڪاني حل تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران ڳالهائيندي مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته ٽپال جي نظام کي ڊجيٽل ڪرڻ وقت جي سڀ کان اهم ضرورت آهي، گذريل 10 سالن …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ پاڪستان پوسٽ آفيس جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان پوسٽل سروسز جي بنيادي مسئلن، موجوده خساري، مالي مشڪلاتن ۽ انهن جي امڪاني حل تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران ڳالهائيندي مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته ٽپال جي نظام کي ڊجيٽل ڪرڻ وقت جي سڀ کان اهم ضرورت آهي، گذريل 10 سالن کان ڊجيٽلائيزيشن ۾ دير پريشان ڪندڙ آهي. هن اجلاس ۾ سوال ڪيو ته ايگزم بئنڪ سان ڊجيٽلائيزيشن جا معاملا ڪٿي ۽ ڇو دير جو شڪار ٿيا آهن، 10 سالن جي دير ڇو ٿي، پهرين مرحلي ۾ 86 وڏين پوسٽ آفيسن کي ڊجيٽلائيز ڪري سگهجيو پئي، آفيسرن جي ڪوتاهي جو نقصان پاڪستان پوسٽ جي اداري جو هوندو، پاڪستان پوسٽ جي 22 هزار ملازمن جي بقا لاءِ هڪ قابل عمل منصوبو اڳيان آڻڻو پوندو، مقابلي جي موجوده فضا ۾ پاڪستان پوسٽ کي نئين رخ سان اڳتي اچڻو پوندو، پاڪستان پوسٽ ۾ سڌارا نه ڪيا ويا ته اداري جو مستقبل تباهه ٿي ويندو، اداري جو بهتر ڪاروباري منصوبو پاڪستان پوسٽ کي منافعي بخش بڻائي سگهي ٿو. وفاقي وزير پاڪستان پوسٽ جي اعليٰ عملدارن کي وزيراعظم لاءِ هڪ مربوط پروگرام تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان پوسٽ فري سروسز ڏيڻ سبب زوال جو شڪار ٿي وئي. پاڪستان پوسٽ جي بحالي لاءِ ٺوس نڪتن تي عمل ڪرڻو پوندو. 2023ع ۾ 4 هزار فالتو ۽ اضافي عملي جي ڀرتي سبب مالي بار وڌيڪ وڌي ويو. اجلاس دوران، اجلاس دوران مواصلات جي وفاقي سيڪريٽري ۽ پاڪستان پوسٽ جي ڊائريڪٽر جنرل مواصلات واري وفاقي وزير کي اهم معاملن تي بريفنگ ڏني.