اسلام آباد - 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي 21.5 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن. اڱاري ڏينهن سماجي رباطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مالي سال 27 – 2026ع جي پهرين ٽه ماهي دوران روانگي واپار ۾ 11 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ ان جو …
پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي 21.5 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي 21.5 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن. اڱاري ڏينهن سماجي رباطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مالي سال 27 – 2026ع جي پهرين ٽه ماهي دوران روانگي واپار ۾ 11 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ ان جو ماپو 11.2 ارب ڊالر ٿي ويو. ان عرصي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ پڻ 20 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو مٽاسٽا جو ناڻو 45 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي جيڪا ملڪي معيشت جي لاءِ حوصلي جوڳي امڪانن جي عڪاسي ڪري ٿي. پارلياماني سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ مسلسل معاشي سڌارن ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي جو فروغ هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو.










